باقر شاهه صوفي

باقر شاهه، صوفي: سيد باقر شاهه عرف ٻاوا ڏنگر پوري، صوفي شاهه عنايت جي خليفن مان هو. هيءُ اصل جوڌپور جو ويٺل هو. صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ ۽ فڪر کان متاثر ٿي، سندس مريد ٿيو. هيءُ سنڌي ۽ راجستانيءَ جو تمام سٺو شاعر هو. سندس ڀڄن ۽ شاعري مشهور آهي. صوفي شاهه عنايت جي سنگت ۾ ڪيترو ئي عرصو رهيو ۽ صوفي ازم جي پرچارڪندو رهيو. هن جي مزار راجستان جي علائقي ٻاڙ مير ۾ هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي. سندس مزار تي ساليانو ميلو به لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين مريد ۽ متعقد زيارت لاءِ اچن ٿا. خيرپور ميرس جي شهر چونڊڪي ڀرسان پڻ هن صوفي بزرگ جو تڪيو آهي. سندس شاعري صوفياڻي فڪر جي عڪاس آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو